ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ايم ڪيو ايم عوام کي لالي پاپ ڏئي رهي آهي ۽ واڳونءَ جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي اهڙو شهر جيڪا جهڙو ميڊيا پيش ڪندي آهي، اسان شهر جي حالتن کي بهتر ڪيو آهي.
هن چيو ته ڪراچي سڀني ثقافتن جو مرڪز آهي، اسان سڀني ثقافتن جو احترام ڪيون ٿا، ايندڙ نسلن لاءِ هڪ بهتر ڪراچي ڇڏڻ چاهيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته گورنر کي اهو اختيار ناهي ته هو سياسي ڳالهيون ڪري، آئيني سربراهه کي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، هو آئين جو مطالعو ڪري.
مرتضيٰ وهاب چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي، سکر ۽ اسلام آباد ۾ الڳ الڳ ڳالهيون ڪندي آهي، پ پ متوازن نظام پيدا ڪيو آهي.
You might also like