”شاهنواز ڏاهاڻي کي هٿ“ هرڀجن سنگهه پنهنجو ئي اسڪرپٽ وساري ڇڏيو!

گڏيل عرب امارتن ۾ جاري ٽي ٽين ليگ ۾ هڪ خوشگوار لمحو ان وقت ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه پاڪستاني فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي سان هٿ ملايو.
ابو ظهبي ۾ اها اڳڀرائي سپن سٽاليئنز ۽ نادرن واريئرز جي ميچ کانپوءِ ٿي، ٻنهي جي مختصر ملاقات شوقينن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي ۽ اها سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي وئي.
واضح رهي ته مئي ۾ ٿيندڙ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڇڪتاڻ کانپوءِ ايشيا ڪپ سميت ٻين مقابلن ۾ ڀارتي رانديگرن پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملايو هو.
هرڀجن سنگهه پاڻ به ان حوالي سان سخت موقف اختيار ڪري چڪو آهي، هلندڙ سال جون ۾ هرڀجن سنگهه، شيکر ڌون، سريش رائنا ۽ پٺاڻ ڀائرن (يوسف ۽ عرفان) ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ۾ پاڪستان سان ميچ کيڏڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو.
پر ٽي ٽين ليگ ۾ هرڀجن سنگهه طرفان شاهنواز ڏاهاڻي سان هٿ ملائڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا ٿي رهيا آهن.
هڪ واهپيدار ٻنهي جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ”هٿ نه ملائڻ جي پاليسي رڳو انهن لاءِ آهي، جيڪي پاڪستان جي جرسي پائيندا آهن“.
ٻئي واهپيدارن لکيو ته ” هرڀجن سنگهه پنهنجو ئي اسڪرپٽ وساري ويٺو، ليجنڊز ليگ ۾ هن ”حب الوطني“ جي نالي تي پاڪستان سان ميچ جو بائيڪاٽ ڪيو پر شاهنواز ڏاهاڻي سان خوشي سان هٿ ملايو، اهو ٻٽو معيار پنهنجي انتها تي آهي“.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.