برساتون ئي برساتون، اين ڊي ايم اي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي ڊائريڪٽر جنرل 2026 جي چوماسي سيزن ۾ معمول کان 22 کان 26 سيڪڙو وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ موسم جي شدت وڌي رهي آهي ۽ ان جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور تياري اڻٽر آهي.
ڊي جي اين ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي سبب موسم وڌيڪ شدت اختيار ڪري رهي آهي ۽ ايندڙ چوماسي سيزن ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڏا مينهن آڻي سگهي ٿو.
هن چيو ته درياهن ۾ امڪاني چاڙهه جي حوالي سان سفارشون تيار ڪيون ويون آهن، اين ڊي ايم اي 6 کان 8 مهينا اڳ صوبن کي ارلي وارننگ فراهم ڪندو آهي ته جيئن اڳواٽ قدم کڻي سگهجن، جيڪڏهن رابطو برقرار رکيو وڃي ته صوبائي حڪومتون بهتر قدم کڻي سگهن ٿيون ۽ نقصان گهٽائي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.