ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪسٽر اختيارين ڪراچي ايئرپورٽ تي ٻن عورتن جي قبضي مان 3 ڪلو کان وڌيڪ سون ۽ 11 هزار کان وڌيڪ ڊالر برآمد ڪري ورتا.
ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽم اختيارين ڪارروائي ڪندي سون ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي ٻاهرئين ملڪ سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڪسٽم اختيارين ٻن عورتن جي قبضي مان 3 ڪلو کان وڌيڪ سون ۽ 11 هزار 619 ڊالر برآمد ڪيا.
اختيارين ٻڌايو ته امال ۽ منال جي سامان جي تلاشي ورتي وئي، امال جي سامان مان ٻه ڪلو سون ۽ 6 هزار 143 آمريڪي ڊالر برآمد ٿيا، جڏهن ته منال جي سامان مان هڪ ڪلو کان وڌيڪ سون ۽ 5 هزار 476 آمريڪي ڊالر برآمد ٿيا.
برآمد سون ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي مجموعي ماليت تقريبن 11 ڪروڙ پاڪستاني رپيا آهن، شروعاتي ڪارروائي کانپوءِ ٻنهي عورتن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.
ڪراچي ايئرپورٽ تي ٻن عورتن وٽان 3 ڪلو کان وڌيڪ سون ۽ 11 هزار کان وڌيڪ ڊالر برآمد
You might also like