سپريم ڪورٽ جو 27هين ترميم خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 4 ججن جي درخواست تي اعتراض

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 4 ججن جي 27هين ترميم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست تي اعتراض لاڳو ڪيو ويو.
سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 4 ججن 27هين ترميم چيلينج ڪئي هئي.
ذريعن موجب سپريم ڪورٽ برانچ درخواست تي اعتراض لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ درخواست وصول ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته اهو سپريم ڪورٽ جي اختيارن جو دائرو نه آئيني معاملو آهي.
واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس ثمن رفعت امتياز ۽ جسٽس سردار اسحاق چيلينج ڪندڙن ۾ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.