اوپو جو نئون فون ڪهڙيون خاصيتون رکي ٿو؟

گذريل هفتي اوپو جي نئين فون جون ليڪ تصويرون ۽ تفصيل سامهون آيا هئا ۽ هاڻي اهو فون لانچ ڪيو ويو آهي.

اوپو اي 38 ۾ 50 ميگا پڪسل ۽ فوج جي چپ سيٽ ڏنو ويو آهي پر هن کي شروعاتي طور تي دبئي ۾ لانچ ڪيو ويو آهي جڏهن ته جلد ٻين ملڪن ۾ به پيش ڪيو ويندو.

فون ج ي ايل سي ڊي 6.56 ايڇ ڊي ڊسپلي سان آهي جڏهن ته فرنٽ تي 5 ميگا پڪسل ڪيمرا سينسر آهي.

فون ميڊيا ٽيڪ جي جي 85 چپ سيٽ سان اچي ٿو جڏهن ته 4 جي بي ريم ۽ 128 جي بي انٽرنل اسٽوريج آهي.

ميموري ڪارڊ ذريعي هڪ ٽي بي تائين ميموري کي وڌائي سگهجي ٿو.

هن فون جي بيٽري 5 هزار ايم اي ايڇ جي آهي جڏهن ته 33 واٽ سپر فاسٽ چاچر ڏنل آهي.

هن جو شروعاتي اگهه 200 ڊالر ٻڌايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.