اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ کنڊ جي بحران ۽ وڌندڙ اگهن تي پ پ ۽ ن ليگ آمهون سامهون ٿي ويون.
ن ليگ سان واسطو رکندڙ اڳوڻي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو واپار واري وزير نويد قمر ڪيو هو، بحران بابت ان کان ئي پڇا ڪئي وڃي.
هن چيو ته ن ليگ اتحادي حڪومت پي ڊي ايم جي هر فيصلي جو بار نٿي کڻي سگهي.
هوڏانهن اڳوڻي واپار واري وزير نويد قمر چيو ته کنڊ برآمد ڪرڻ جي ذميواري ڪنهن هڪ وزارت تي نٿي وجهي سگهجي، ڇو ته اهو فيصلو اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪيو ۽ ڪابينا ان جي منظوري ڏني هئي.
هن چيو ته جيتري کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني، ان جي ٽيڻ تي اسٽاڪ موجود هو.
واضح رهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي بحران سبب اگهه 200 رپيا في ڪلو کان به وڌي ويو آهي، جڏهن ته حڪومت بحران جي خاتمي لاءِ کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت به ڏني آهي.
Next Post
You might also like