وٽامن جون گوريون استعمال ڪندڙ خبردار!

صحتمند رهڻ لاءِ وٽامنز وٺڻ جو رجحان عام آهي پر اهي فائديمند هجڻ سان گڏوگڏ اوهان کي هڪ وڏي نقصان ڏئي سگھن ٿيون.
31 آگسٽ تي ڇپيل هڪ نئين تحقيق موجب جيتوڻيڪ گھڻا ماڻهو پنهنجي صحت کي بهتر بڻائڻ لاءِ وٽامن سي ۽ اي جهڙيون وٽامنز وٺي سگھن ٿا، پر ائين ڪرڻ سان ڪجهه خطرا به ٿي سگھن ٿا.
جرنل آف ڪلينيڪل انويسٽيگيشن ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته وٽامنز ڪينسر جي جيوگھرڙن جي اندر رت جي نئين شريانين جي واڌ ويجهه ڪري سگھن ٿيون. اهي نيون شريانيون ڪينسر کي وڌائڻ ۽ سڄي جسم ۾ پکيڙڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿيون.
رپورٽ موجب ڪينسر جي ٽيومر کي نئين رت جي شريانين کي وڌائڻ لاءِ آڪسيجن جي فراهمي ۽ غذائيت سان ڀرپور رت جي ضرورت هوندي آهي، ان عمل کي ”انجيوجينيسس“ چيو ويندو آهي.
ڇا ماڻهن کي اهي سپليمنٽ استعمال ڪرڻ گھرجن؟
اينٽي آڪسيڊنتس عام طور تي ٻين سيلز مان غير استعمال ٿيل آڪسيجن جو استعمال ڪري ڪم ڪندا آهن، جيڪو آڪسيڊيٽو اسٽريس جي مقدار کي گھٽائيندو آهي. آڪسيڊيٽو اسٽريس ڊي اين اي کي نقصان پهچائي سگھي ٿو ۽ ڪينسر جي خطري کي وڌائي سگھي ٿو.
نيو ايٽلس جي ليکڪ مارٽن برگو جو چوڻ هو ته اسان کي خبر پئي آهي ته اينٽي آڪسيڊنٽس هڪ اهڙو ميڪنزم فعال ڪندا آهن جنهن جي ڪري ڪينسر جو ٽيومرنئين رت جي شريانين کي ٺاهڻ جو سبب بڻجندو آهي. رت جون نيون شريانيون ٽيومر کي وڌڻ ۽ پکڙجڻ ۾ مدد ڏئي سگھن ٿيون.
وٽامن اي ۽ سي، بي اي ايڇ ون پروٽين کي مستحڪم ڪري سگھن ٿيون، جيڪو ڦڦڙن جي ڪينسر جي پکيڙ جو سبب بڻجندو آهي.
اهو ان وقت ٿي سگھي ٿو جڏهن خوراڪ ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس جي حد وڌي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.