پيءُ ٽن ڌيئرن جو ڳلو ڪَپي آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پيءُ ٽن ڌيئرن جو ڳلو ڪَپي آپگهات ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب ڪيرالا رياست جي ڪوٽائم ضلعي ۾ اهو افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي هڪ شخص پنهنجي ٽن ڌيئرن تي تيز اوزار سان حملو ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.

زخمي نينگرين جي عمر  7،12 ۽ 13 سال ٻڌائي وئي آهي.

رپورٽ موجب علائقي واسين جو چوڻ هو ته واقعي جو اطلاع ملڻ تي ٻارن کي ميڊيڪل ڪاليج اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

7 ورهين جي ٻارڙي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آهي جڏهن ته ٻن ڇوڪرين جي حالت بهتر ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار جي زال کيس ڇڏي وئي هئي. واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.