ڀارت ڪوئلي جي اهميت ڄاڻي ٿو، وڏي پئماني تي بجلي جي تياري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هندستان جي ڪوئلي ذريعي بجلي جي پيداوار 33 سالن ۾ تيزي سان وڌي آهي.

گذريل مالي سال دوران ملڪ کي ڪل بجلي جي فراهمي 1509.15 بلين ڪلو واٽ هئي، جيڪا هڪ سال اڳ جي ڀيٽ ۾ 8.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي پر پوءِ به طلب جي ڀيٽ ۾ 6.69 بلين يونٽن جي کوٽ آهي، جيڪو ڇهن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ خسارو آهي.

ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي 1,162.91 بلين kWh تائين وڌي وئي، مجموعي پيداوار مارچ 2019 جي پڄاڻي کان 73.1 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي.

ذريعن موجب هندستان کي اميد آهي ته هن سال جي مقابلي ۾ پاور پلانٽس مارچ 2024 جي پڄاڻي تائين اٽڪل 8 سيڪڙو وڌيڪ ڪوئلي کي استعمال ڪري بجلي حاصل ڪندا.

هندستان کي هن سال ملندڙ 1180 ٽيرا واٽ بجلي جي ڀيٽ ۾ 24-2023 ۾ ڪوئلي جي استعمال سان 1,255 ٽيرواٽ- في ڪلاڪ (tWh) بجلي پيدا ڪرڻ جي اميد آهي.

ڪوئلو 2030 تائين هندستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو رهندو ۽ نوان پلانٽ گهربل هوندا.

انگن اکرن موجب، هندستان جي ڪوئلي تي ٻڌل پيداوار ملڪ جي مجموعي بجلي جي پيداوار جو 69.9 آهي.

ڀارت ڪوئلي کي گهڻائي، دستيابي ۽ سستي هجڻ جي بنياد تي ترجيح ڏئي رهيو آهي.

هندستان ۾ ڪمرشل پرائمري توانائي واپرائڻ جو رجحان گذريل چئن ڏهاڪن ۾ اٽڪل 700 سيڪڙو وڌيو آهي.

ڪوئلو هندستان جي توانائي جي منظرنامي جي مرڪزي اسٽيج تي آهي.

ڀارت ايندڙ ڏهاڪي ۾ هن وقت جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو وڌيڪ ڪوئلو استعمال ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.