حريم شاهه جي مڙس بلال جي مبينا اغوا تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو نوٽيس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي مڙس بلال شاهه جي مبينا اغوا تي نوٽيس جاري ڪندي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي لکت جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حريم شاهه جي مڙس بلال شاهه جي مبينا اغوا بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي لکت جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
بلال شاهه جي ماءُ ٻڌايو ته پٽ کي 26 آگسٽ تي ڪورنگي روڊ تان اغوا ڪيو ويو، پٽ خلاف ڪو ڪيس ناهي، هو هڪ هفتو اڳ لنڊن مان ڪراچي پهتو هو.
درخواست ۾ چيو ويو ته ڊفينس ٿاڻي تي درخواست موڪلي آهي، پوليس اڃا تائين پٽ کي آزاد ناهي ڪرائي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.