مشيگن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي هڪ فارم ۾ رهندڙ ڪڪڙ هاڻ 21 ورهين جي ٿي وئي آهي جنهن جي تصديق، گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ به ڪئي آهي.
مشيگن ۾ مارسي پارڪر ڊارون ۽ سندس مڙس گڏ رهندا آهن ۽ فارم ۾ ڪنهن به جانور کي ماريو ناهي ويندو. اهو ئي سبب آهي جو ان فارم ۾ ڪڪڙيون، ڪتا، بدڪون ۽ مور گڏ رهندا اهن.
مالڪن موجب اها ڪڪڙ داغن واري بيضي مان ڄائي جنهن کي ماءُ ڪڪڙ ڇڏي ڏنو هو. مالڪن ان کي تلاءَ ۾ اڇلڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ڪڇون انهن کي کائين، ايتري ۾ بيضا مان هلڪو آواز آيو، ان کان پوءِ ٻيون ڀيرو آواز ٻڌو ويو ته خبر پئي ته اندر ٻچو زندهه آهي ۽ بيضي ۾ ڏار هئا.
عورت بيضي کي کوليو ته اندران چوزو نڪتو. چوزي کي ليمپ ذريعي گرمائش ڏني وئي ۽ هٿ سان کارايو پياريو ويو. هر سال مئي ۾ ڪڪڙ جي سالگرهه ايندي آهي جيڪا هن وقت 21 ورهين جي ٿي وئي آهي.
ان جو نالو پينٽ آهي جيڪا هاڻ دنيا جي سڀ کان وڏي عمر جي ڪڪڙ آهي. گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ان خوبصورت ڪڪڙ کي هڪ سَنَد به ڏني آهي.
You might also like