ڪراچي: اڏاوتي ڪم ڪندڙ مزدور کي گولي لڳڻ جي خبر ئي نه پئي، ايڪسري ۾ ڏسي وائڙو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي خيابان حلال ۾ اڏاوتي ڪم دوران نوجوان گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو پر اها خبر کيس اسپتال ۾ ايڪسري ڪرائڻ کانپوءِ پئي.
خيابان حلال ۾ فائرنگ سان هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو پر کيس گولي لڳڻ جي خبر نه پئي.
نوجوان کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جتي ايڪسري ذريعي خبر پئي ته کيس گولي لڳي آهي.
پوليس موجب زخمي نوجوان جي سڃاڻپ تنوير جي نالي سان ٿي، جيڪو هڪ عمارت ۾ ٻين مزدورن سان گڏ اڏاوتي ڪم ڪري رهيو هو ته زخمي ٿي پيو، هن سمجهيو ته کيس مشينري مان ڪو پٿر نڪري لڳو آهي.
پوليس ٻڌايو ته نوجوان کي زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو ۽ ايڪسري ۾ خبر پئي ته کيس گولي لڳي آهي.
پوليس موجب واقعو امڪاني طور هوائي فائرنگ سبب پيش آيو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.