روس جپان کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس چيو آهي ته جاپان طرفان يوڪرين کي فوجي امداد جي فراهمي سان هن جو روس سان ٽڪراءَ جو دڳ کوليو پيو وڃي.
اها ڳالهه روسي سلامتي ڪائونسل جي نائب سربراهه ديمتري ميدويديف پنهنجي بيان ۾ چئي. يوزنوسخالنسڪ جي دوري جي موقعي تي ديمتري ميدويديف جو چوڻ هوته اها گھڻي نامناسب ڳالهه آهي ته روس جي ويجهو موجود ملڪ جاپان تيزي سان ڪيف حڪومت کي فوجي امداد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پاڻ کي روس سان فوجي ٽراءَ ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي.
هن چيو ته روس نازي ازم جي خلاف جنگ جاري رکي آهي جنهن افسوس سان هاڻ يوڪرين ۾ پنهنجو ڪنڌ کنيوآهي.
روسي عهديدار جو چوڻ هوته روس يوڪرين ۾ پنهنجي سلامتي جي جنگ وڙهي رهيو آهي، روسي سلامتي ڪائونسل جي نائب چيئرمين ديمتري ميدويديف 3 سيپٽمبر تي ملهايل ٻين عالمي جنگ جي خاتمي جي موقعي واري تقريب ۾ چئي ته 1945 ۾ جاپان جي خلاف جوهري هٿيارن کانسواءِ فوجي ضرورت جي استعمال آمريڪا جو اصل چهرو وائکو ڪري ڇڏيو هو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جاپان کي ماضي ۾ ٻين عالمي جنگ جي ڀوائتن نتيجن کي نه وسارڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.