بي سي سي آءِ وارا پنهنجن سان ئي ٺڳي ڪرڻ لڳا، سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل

ايندڙ مهيني ڀارت ۾ شيڊيول آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ آن لائين ٽڪيٽون حاصل ڪرڻ ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي.

انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ )  سان ٽڪيٽن جي آن لائين وڪرو لاءِ بُڪ ماءِ شو جو آفيشل معاهدو آهي جنهن جي ويب سائيٽ تي وڃي شوقين آن لائين ٽڪيٽ خريد ڪري سگهن ٿا.

ورلڊ ڪپ جي ميچن جي ٽڪيٽن جي وڪرو  جي اعلان کانپوءِ بُڪ ماءِ شو جي ويب سائيٽ تي غيرمعمولي رَش آهي ۽ شوقين ان ڳالهه جي شڪايت ڪندي نظر اچي رهيا آهن ته کين ٽڪيٽ ناهي ملي رهي ۽ جئين ڪنهن ميچ جي ٽڪيٽن  جي وڪرو شروع ٿيندي آهي ته تمام ٽڪيٽون ڪجهه ئي منٽن ۾ کپي وينديون آهن.

صرف اِهو ئي نه، ٽڪيٽن حاصل ڪرڻ لاءِ بُڪ ماءِ شو جي ويب سائيٽ تي شوقينن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پئجي رهيو آهي ۽ جڏهن ٽڪيٽ خريدڻ جو وارو اچي ٿو اُن وقت سموريون ٽڪيٽون کپي وڃن ٿيون.

اهڙي صورتِحال تي ڀارتي ٽيم جي مداحن بي سي سي آءِ ۽ بُڪ ماءِ شو تي ڌوکيبازي ۽ ٺڳي جا الزام لڳائي رهيا آهن.

سوشل ميڊيا واهپيدار يش پتيدر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بُڪ ماءِ شو کي ٽيڪ ڪندي لکيو ته اسٽيڊيم ۾ هڪ لک ٽيهه هزار تماشائين جي گنجائش آهي، اوهان رڳو ست هزار پنج سئو ٽڪيٽون وڪرو لاءِ رکيون آهن، ٻيون ٽڪيٽون ڪٿي آهن؟ هي قبول ڪرڻ جوڳو عمل ناهي.

ايڪس واهپيدار پيرونيل ان معاملي تي تبصرو ڪندي چيو ته آن لائين ٽڪيٽ بُڪنگ وارو عمل، ڀارتين لاءِ تمام وڏو دوکو ثابت ٿيندو، ان ۾ شفافيت ٻُڙي آهي.

فرحان نالي صارف لکيو ته آءِ سي سي، بي سي سي آءِ ۽ بُڪ ماءِ شو جي ڳٺجوڙ سان ڪرڪيٽ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو دوکو ٿي رهيو آهي، ڀارت جي ميچن لاءِ ٽڪيٽون وڪرو اصل ۾ شروع ئي ناهن ٿيون، اشرافيه کي خوش ڪرڻ لاءِ جعلي ٽڪيٽون وڪرو لاءِ پيش ڪيون ويون آهن.

رتنيش لکيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي ميچ اسٽيڊيم ۾ ڏسڻ جو خواب هاڻي حتمي طور ختم ٿي ويو آهي، بي سي سي آءِ  ۽ بُڪ ماءِ شو وارئو شرم ڪيو.

سمير الانا ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته 1992 وارو فراڊ هسنل مهتا ڪيو هو، 2003 جو فراڊ عبدالڪريم تيلگي ڪيو هو جڏهن ته 2023 جو فراڊ بُڪ ماءِ شو ڪري رهيو آهي.

فرضي ڪرڪيٽر نالي واهپيدار لکيو ته بُڪ ماءِ شو تي ڪجهه به ناهي ٿيو، اسان قطار ۾ صرف خريدڻ لاءِ بيٺا هئاسين، ڪٿي به ٽڪيٽون نظر نه آيون، رڳو دوکو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.