هونڊا سي جي 125 پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪئي ويندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ بائيڪ آهي پر ويجهي عرصي ۾ ان بائيڪ جي اگهه ۾ هوش اڏائيندڙ واڌ ٿي آهي.
رپورٽ موجب مسلسل اگهه وڌڻ سبب هاڻ هونڊا سي جي 125 (اسٽينڊرڊ ماڊل) جي قيمت ٻه لک 34 هزار 900 رپين تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته هونڊا سي جي 125 (اسپيشل ايڊيشن) جي قيمت ٻه لک 82 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.
ان بائيڪ جي فيول ٽينڪ ۾ 9.2 ليٽر پيٽرول جي گنجائش آهي، ان جو ڊراءِ ويٽ 100 ڪلو گرام ۽ اها بهترين مائليج ڏيندي آهي.
هونڊا سي جي 125 اسٽينڊرڊ ماڊل 2023 هڪ ليٽر ۾ 35 کان 40 ڪلو ميٽر فاصلو طئي ڪندي آهي.
Next Post
You might also like