ايلوويرا جي کَلُن مان قدرتي جيت مار دوا تيار

ٽيڪساس (ويب ڊيسڪ) ايلوويرا هڪ اهم طبي ٻوٽو آهي جنهن کي زخم، ساڙي ۽ چهري جي کَلَ کي تازو رکڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي. هاڻ انهيءَ جادوئي ٻوٽي جي پنن سان گھٽ خرچ، قدرتي ۽ ماحول دوست جيت مار دوا بڻائي وئي آهي. اها دوا نه رڳو سستي آهي پر اهم ترين خوراڪ وارن فصلن تي جيتن جو خاتمو ڪري سگھي ٿي.

سڄي دنيا ۾ هر سال فصلن جو 20 کان 40 سيڪڙو مقدار اتان جا جيت کائي ويندا آهن جڏهن ته آبادگارن جي محنت لڙهي ويندي آهي. هاڻ ڪيڪٽس جهڙو هڪ عام ٻوٽي، ايلوويرا جي کَلَ ان مئسلي جو حل بڻجي سگھي ٿي.

يونيورسٽي آف ٽيڪساس سان سلهاڙيل ڊاڪٽر ديبا شيش بنديو پاديو ۽ سندس ساٿين ايلوويرا جي بيڪار کَلُن سان قدرتي جيت مار دوا بڻائي آهي. جڏهن ان کي مڪئي ۽ ٻاجهري جي فصل تي آزمايو ته فصل خور جيت پري ڀڄي ويا ۽ ائين فصل توانا رهيا. ويجهو ايندڙ جيتن کي مرندي به ڏٺو ويا.

وڌيڪ تحقيق لاءِ ايلوويرا جي کَلَ کي خشڪ ڪري تجزيو ويو ته ان ۾ هڪ اهم ڪيميڪل ”ڊاءِ ڪلورميٿين (ڊي سي ايم) مليو جيڪڏهن ته ميٿانول ۽ هيگزين جو ڪجهه مقدار به مليو. خبر پئي ته اهو مرڪب جيتن جي هلڻ، کائڻ ۽ نسل وڌائڻ جي صلاحيت تباهه ڪري ڇڏي ٿو.

ايلوويرا قدرتي ۽ محفوظ طريقو آهي جيڪو زهريلن ۽ ماحول دشمن دوائن جو گھٽ خرچ ۽ محفوظ متبادل بڻجي سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.