ايشيا ڪپ: ڀارتي ٽيم مداحن کي مايوس ڪري ڇڏيو

پاليڪيلي ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ جي ڀارت نيپال خلاف خراب فيلڊنگ بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي.

ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ سريلنڪا جي پاليڪيلي اسٽيڊيم ۾ ڀارت ۽ نيپال جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي پئي وڃي، جتي ڀارتي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بالرن کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو.

نيپالي اوپنرن ڀارتي بالرن خلاف شروعات ۾ جارحاڻو رويو اختيار ڪيو ۽ ميدان جي چئني پاسي اسٽروڪ کيڏڻ شروع ڪيا، ڀارتي بالرن پنهنجي بالنگ سان وڪيٽ حاصل ڪرڻ جا ڪيئي موقعا پيدا ڪيا پر فيلڊرن ٽي ڪيچ ڊراپ ڪيا.

اڄوڪي ميچ جي شروعات ۾ ڀارتي فيلڊرز بالرز جو ساٿ ڏيڻ ۾ ناڪام نظر آيا، ڪوهلي سميت وڪيٽ ڪيپر ڪيچ ڊراپ ڪيا.

پهريون ڪيچ ان وقت ڊراپ ٿيو جڏهن شرياس ائير کان ڪيچ نڪري ويو، ان کانپوءِ ويرات ڪوهلي ڪور تي هڪ ڪيچ ڇڏيو ۽ وڪيٽ ڪيپر ايشان ڪشن وڪيٽن پٺيان هڪ سولو ڪيچ پڪڙڻ ۾ ناڪام رهيو.

ڀارت خلاف ميچ جي ٻئي اوور ۾ نيپالي اوپنر آصف شيخ جو سولو ڪيچ ڪيرائڻ کانپوءِ ڀارتي جي اڳوڻي ڪپتان ڪوهلي جي ردعمل مان ائين لڳو ته کيس پاڻ تي يقين نه اچي رهيو هو ته اِهو ڪيچ ڊراپ ڪيئن ٿيو.

ڀارتي ٽيم جي ناقص فيلڊنگ سبب مداح سوشل ميڊيا تي مايوس نظر آيا، ڪجهه مداحن تي گذريل چئن سالن دوران ڀارتي فيلڊرن جي ڇڏيل ڪيچن جا تفصيل پڻ شيئر ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.