ڪراچي: گلشن حديد ۾ نجي اسڪول جو پرنسپال زيادتي جي الزام ۾ گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ نجي اسڪول جي پرنسپال کي زيادتي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي ملير حسن سردار موجب جوابدار جي آفيس مان ملندڙ زيادتي جون 25 وڊيوز ضبط ڪيون ويون آهن.
هن ٻڌايو ته گرفتار جوابدار کان پڇا ڳاڇا جاري آهي ۽ 5 متاثر عورتن جا ڪيس سامهون آيا آهن، متاثر عورتن کان به ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته جوابدار بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ عورتن سان زيادتي جون وڊيوز به ٺاهيندو هو.
هوڏانهن آءِ جي سنڌ رفعت مختار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.
ٻئي پاسي سنڌ جي تعليم واري نگران وزير رعنا حسين جي هدايت تي 4 رڪني انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.