پاڪ – ڀارت ميچ دوران ڀارتي رانديگرن جي دوستاڻي رويي تي گنڀير تپي باهه

ماضي ۾ رانديگرن سان جهيڙا ڪندڙ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر گوتم گنڀير کي پاڪ – ڀارت مقابلي دوران رانديگرن جو پاڻ ۾ ملڻ جلڻ صفا نه وڻيو ۽ هن اهڙي عمل تي رانديگرن کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
پاڪستاني ۽ ڀارتي رانديگرن کي ايشيا ڪپ جي ميچ دوران ته هڪٻئي سان خوشگوار موڊ ۾ ڏٺو ويو پر هو پريڪٽس دوران به هڪٻئي سان حال احوال ڪندا رهندا آهن، جيڪا ڳالهه گوتم گنڀير کان برداشت نه ٿي.
گوتم گنڀير موجوده ڀارتي ٽيم جي رانديگرن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ميچن دوران مخالف رانديگرن سان دوستاڻو رويو نه هجڻ گهرجي، ملڪ لاءِ کيڏندي دوستي کي ميدان کان ٻاهر ڇڏي اچڻ گهرجي، مخالف رانديگرن جي اکين ۾ ڪاوڙ سان ڏسڻ گهرجي.
هن چيو ته ميچ جا ڪلاڪ تمام ضروري هوندا آهن، توهان پنهنجي نه ملڪ جي نمائندگي ڪندا آهيو، توهان کي دوستيون نڀائڻيون آهن ته ميچ کانپوءِ نڀايو.
سندس چوڻ هو ته اڄڪلهه مخالف ٽيمن جا رانديگر هڪٻئي سان ڪچهريون ڪندا آهن پر اڳ ۾ ائين نه هوندو هو، هاڻ لڳندو آهي ته ڄڻ دوستاڻي ميچ ٿي رهي آهي.
گوتم گنڀير اهو به چيو ته توهان ميچ دوران سليجنگ ڪيو پر ذاتيات تي نه لهو ۽ سدائين پنهنجي حدن ۾ رهو، ميچ دوران ڪنهن فيملي ميمبر کي وچ ۾ نه آڻيو يا انهن کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.