شاهه رخ خان ”جوان“ سان پنهنجي پٺاڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي فلم ”جوان“ جي رليز ۾ ٽن ڏينهن رهجي ويا آهن ۽ ان کان اڳ ئي فلم باڪس آفيس تي نوان رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي.
ڀارتي ميڊيا جي ذريعن موجب ميگا ٿرلر ”جوان“ جي رليز ۾ رڳو ٽن ڏينهن بڇيا آهن ۽ ان کان اڳ ئي فلم باڪس آفيس تي نوان رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي.
ڀارتي ميڊيا جي ذريعن موجب ميگا ٿرلر فلم ”جوان“ ججون رڳو ٽن ڏينهن ۾ 10 لک کان وڌيڪ ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن جنهن سان ان ”پٺان“ ۽ ”غدر 2“ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.
شاهه رخ خان 4 سالن کان پوءِ بلاڪ بسٽر پٺان سان گڏ وڏي سينيما تي واپسي ڪئي، هاڻ ”جوان“ جي ذريعي باڪس آفيس تي طورفان مچيل آهي جڏهن ته ليجنڊري راج ڪمار هيراني جي فلم ”ڊنڪي“ به اڃا باقي آهي.
باڪس آفيس ذريعن موجب جوان ايڊوانس بڪنگ ۾ 10 لک کان وڌيڪ ٽڪيٽون وڪرو ڪري رليز کان اڳ ئي 125 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪمائي ورتا آهن.
ميگا ٿرلر فلم جي ايڊوانس بڪنگ جي شروعات جي شروعاتي ٻن ڪلاڪن ۾ 40 هزار ٽڪيٽون ڪرو ٿيون هيون.
واضح رهي ته ست سيپٽمبر تي رليز ٿيندڙ فلم ۾ نيانترا، دپيڪاپڊوڪون، سانيا ملهوترا، وجي سيٿوپتي ۽ ٻيا به ايڪشن ۾ نظر ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.