سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 700 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 39 هزار 100 رپيا ٿي وئي آهي.
10 گرام سون 600 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 4 هزار 990 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 5 ڊالر گهٽجڻ سان 1940 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.