ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪ-ڀارت ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن جي دوستي تي جتي سرحد تي گوتم گمڀير تپي باهه ٿي ويو اتي شاهد آفريدي ان دوستيءَ تي محبت ڀريو پيغام ڏنو آهي.
ٻه ڏينهن اڳ ڪينڊي ۾ کيڏيل هاءِ وولٽيج پاڪ-ڀارت ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي، پر ميچ دوران ۽ ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن وچ ۾ دوستاڻي روين ڪرڪيٽ شوقينن جون دليون کٽي ورتيون.
پر اِهو محبت ڀريو انداز تعصب پرست اڳوڻي ڀارتي اوپنر گوتم گمڀير کي ڪاوڙائي ڇڏيو، جنهن تي اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان شاهد آفريدي رانديگرن جي ان دوستي تي محبت ڀريو پيغام جاري ڪيو آهي.
شاهد آفريدي پاڪ-ڀارت ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ڪرڪيٽ کي سياست کان ڌار رکيو وڃي، پيار ۽ محبت جو پيغام ڏنو وڃي ته بهتر آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ميچ دوستاڻي ماحول ۾ ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي ۽ ٻنهي مُلڪن وچ ۾ لاڳاپا ڪرڪيٽ ذريعي بهتر ٿي سگهن ٿا.
هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي پيش ڪري رهي آهي، نيپال ۽ ڀارت خلاف غير معمولي ڪارڪردگي رهي، پر اسپنرن کي به ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.