ايمان مزاري جي گرفتاري کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪرڻ لازمي قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انساني حقن جي ڪارڪن ۽ وڪيل ايمان مزاري کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان اڳ عدالت کي آگاهه ڪرڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، ايمان مزاري جي ڪيسن جي تفصيلن جي فراهمي ۽ حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته صوبائي حڪومتن کي ايمان مزاري خلاف داخل ڪيسن جي تفصيلن لاءِ فيڪس ۽ واٽس ايپ ڪري ڇڏيو آهي، ايمان مزاري کي رياست مخالف بيان بازي کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته ڪيس اڪلائي رهيا آهيون، جيڪڏهن ڪا ايف آءِ آر ٿي ته توهان عدالت کي آگاهه ڪندئو.
هن حڪم نامو جاري ڪندي چيو ته ڪنهن به ڳجهي ايف آءِ آر ۾ ايمان مزاري جي گرفتاري کان اڳ عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.