تقريب ۾ ڪرتب ڏيکاريندڙ جهاز تباهه، پائلٽ فوت

ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو ۾ ٻار ڄڻڻ کان اڳ جنس ٻڌائڻ واري تقريب ۾ جهاز سان ڪرتب حادثي ۾ تبديل ٿي ويو، جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو ۽ پائلٽ به فوت ٿي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ميڪسيڪن رياست سنالوا ۾ هڪ جوڙي ڄمڻ کان اڳ پنهنجي ٻار جي جنس ٻڌائڻ جي تقريب رٿي جنهن ۾ ويجهن مائٽن ۽ دوست کي دعوت ڏني وئي.
جوڙي پرائيويٽ جهاز ذريعي اسٽنٽ (ڪرتب) کي ترجيح ڏني، هوا ۾ جهاز گلابي ۽ بلو رنگ جو پائوڊر ڪرڻو هو جنهن مان اندازو ٿئي ها ته دنيا ۾ ايندڙ ڇوڪرو هوندو يا ڇوڪري.
جهاز جيئن ئي آيو ته ان ۾ مان گلابي پائوڊر نڪتو جنهن جو مطلب هو ته جوڙي وٽ ٻارڙي ڄمندي، پر جهاز هوا ۾ تواز وڃائي ويٺو ۽ قلابازيون کائيندو مهمانن جي آڏو تقريب کان ڪجهه مفاصلي تي ڪِري تباهه ٿي ويو.
رپورٽس موجب جهاز 32 ورهين جو پائلٽ لوئس اينجل اڏائي رهيو هو جيڪو حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو، ان کي طبي امداد لاءِ جڏهن اسپتال منتقل ڪيو ويو ته ڊاڪٽرن کيس مُئل قرار ڏئي ڇڏيو.
ان حادثي جون وڊيو ڪلپس سوشل ميڊيا تي وائرل آهي جنهن تي واهپيدارن گھري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.