معيشت جي استحڪام لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ هنگامي قدمن جي هدايت ڪري ڇڏي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ توانائي جي معاملن تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي واري وزير محمد علي ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب لاڳاپيل اختيارين طرفان بجلي بلن سميت گردشي قرضن جي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ بجلي چوري روڪڻ لاءِ قدمن بابت به آگاهه ڪيو ويو.
وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي ته بجلي چوري روڪڻ ۽ ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.