ايپل جي آءِ فون 14 سيريز کي سيپٽمبر 2022 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن ۾ پهريون ڀيرو سيٽلائيٽ جي ذريعي ايمرجنسي ايس او ايس پيغام موڪلڻ جو فيچر شامل ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد ڏکين حالتن ۾ ماڻهن کي حياتي بچائڻ هو.
هيل تائين ان فيچر ڪيترن ئي ماڻهن جي زندگي بچائڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي.
هاڻ جلد اينڊرائڊ سمارٽ فونز استعمال ڪندڙ به ان جهڙي سروس استعمال ڪري سگھندا.
ڪجهه مهينا اڳ گوگل طرفان تصديق ڪئي وئي هئي ته اينڊرائڊ 14 آپريٽنگ سسٽم ۾ سيٽلائيٽ ذريعي ميسيجز موڪلڻ جو فيچر متعارف ڪرائڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي.
هاڻ هڪ نئين رپورٽ ۾ ٻڌايو يوو ته گوگل ميسيجز جي ذريعي اينڊرائڊ ڊوائسز لاءِ ايمرجنسي دوران سيٽلائيٽ ميسيجز موڪلڻ جي سهولت متعارف ڪرائي ويندي ۽ اهو فيچر 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ دستياب هوندو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گوگل ميسيجز ۾ ان مقصد لاءِ Garmin Response ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيو ويندو.
اهو فيچر ان وقت ڪم ڪندو جڏهن ڪنهن علائقي ۾ موبائل سنگنلز نه هجڻ سبب مدد لاءِ ڪال ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو.
ان کان هٽي ڪري عام حالتن ۾ ان فيچر کي استعمال نٿو ڪري سگھجي.
جيڪڏهن اها ليڪ درست ٿي ته اهو فيچر مختلف ملڪن ۾ ماڻهن جون حياتيون بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھندو.
You might also like