گلشن حديد: پرنسپال جي نازيبا حرڪتن جي وڊيوز جو معاملو، جاچ ڪميٽي قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلشن حديد جي نجي اسڪول ۾ پرنسپال جي نازيبا حرڪتن جون وڊيوز سامهون اچڻ جي معاملي تي جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
سنڌ جي تعليم واري وزير رعنا حسين معاملي جو نوٽيس وٺندي انڪوائري جون هدايتون جاري ڪيون.
ان حوالي سان ايڊيشنل ڊائريڪٽر (رجسٽريشن) رفيعه ملاح چيو ته صوبائي وزير جي هدايت تي ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ انسٽيٽيوشن واقعي جي انڪوائري لاءِ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر قربان ڀُٽي جي سربراهي ۾ جوڙيل انڪوائري ڪميٽي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ممتاز قمبراڻي، زيد مگسي ۽ جاويد قاضي شامل آهن.
رفيعه ملاح ٻڌايو ته انڪوائري ڪميٽي سڀاڻي اسڪول جو دورو ڪري تفصيل گڏ ڪندي ۽ ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته گلشن حديد جي نجي اسڪول آءِ جي ايم ايجوڪيشن سسٽم جي پرنسپال کي زيادتي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي ملير موجب جوابدار جي آفيس مان ملندڙ زيادتي جون 25 وڊيوز ضبط ڪيون ويون آهن، گرفتار جوابدار کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.