صدر علوي 8 سيپٽمبر تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو !

لاهور ( عوامي آواز نيوز ) صدر عارف علوي مدو پورو ڪري  ايوان صدر خالي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته صدر علوي سان تازو ئي هڪ اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن کانپوءِ  صدر علوي 8 سيپٽمبر تي  استعيفيٰ ڏئي ايوان صدر خالي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ڇوته صدر علوي جو آئيني مدو 8 سيپٽمبر تي پورو ٿي رهيو آهي.

صدر علوي جي استعيفيٰ ۽ روانگي کانپوءِ  سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي قائم مقام صدر طور عهدو سنڀالي وٺندو ۽ نئين صدر جي چونڊ تائين عهدي تي رهندو.

سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته ان اهم ملاقات کانپوءِ  صدر علوي 4 ڏينهن لاءِ لاهور روانو ٿي ويو آهي ۽ 7 سيپٽمبر تي واپس ايوان صدر  پهچندو جنهن کانپوءِ 8 سيپٽمبرتي استعيفيٰ ڏئي چڏيندو.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز سومر 4 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.