”آرمي چيف جو سنڌ ۾ ” ڪرپٽ سسٽم“ خلاف آپريشن جو اعلان“

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ناليواري اينڪر ڪامران خان چيو آهي ته جنرل عاصم منير گذريل رات ڪراچي ۾ 50 جي لڳ ڀڳ اهم شخصيتن سان ملاقات ۾ معيشت بچائڻ واري انقلابي مشن کي ڪامياب بڻائڻ جي  خواهش جو اظهار ڪيو.

آرمي چيف واضح واعدو ڪيو ته ملڪ مان ٽيڪس چوري جو ڪلچر، فائلر سسٽم، اسمگلنگ، رشوت، سنڌ جو ڪرپٽ ”سسٽم“ ختم ڪيو ويندو، ڊالرائزيشن، ايران مان تيل جي اسمگلنگ، افغانستان مان ٽرانزٽ ٽريڊ اسمگلنگ ٻڙي ٿي ويندي.

هن چيو ته هڪ تمام وڏو آپريشن شروع ٿيڻ وارو آهي، ڊالرائزيشن جو خاتمو ڪيو ويندو، آرمي چيف غيردستاويزي معيشت خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، نان فائلر ڪلچر جو خاتمو ڪيو ويندو، سمورن شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، بجلي جي شعبي ۾ انقلابي قدم کنيا ويندا، هن ڪراچي ۾ موجود فوجي قيادت کي حڪم ڏنو ته سنڌ ۾ ڪرپٽ سسٽم جو خاتمو ڪيو وڃي،فوري پرائيويٽائيزيشن پروگرام شروع ڪيو ويندو.

6 مهينن ۾ قومي ڪارپوريشنز ۾ سڌارا آندا ويندا، افغانين سميت پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين کي واپس موڪليو ويندو،

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز سومر 4 سپٽيمبر 2023تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.