ملڪ ۾ سياسي استحڪام آندو ويندو : آرمي چيف

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) فوج جي سپهه سالار جنرل عاصم منير معيشيت جي حوالي سان ملڪ جي وڏن واپارين سان ملاقاتون شروع ڪيون آهن.

نامياري صحافي اسدعلي طور جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ اٽڪل 60 ۽ ڪراچي ۾ اٽڪل 50 واپارين سان  آرمي چيف ملاقاتون ڪيون آهن ، انهن ملاقاتن ۾ آرمي چيف چيو آهي ته اسپيشل  انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل ذريعي  سعودي عرب ۽ ٻيا عرب  ملڪ  اٽڪل 25 ارب رپين جي سيڙپڪاري  ڪري رهيا آهن

ان کانسواءِ چين، سعودي عرب ۽ ٻيا دوست ملڪ وڌيڪ 25 ارب رپين جي سيڙپڪاري  ڪرڻ چاهين ٿا  پر ان لاءِ سياسي استحڪام جو شرط رکي رهيا آهن  ان ڪري هر صورت ۾ سياسي استحڪام آندو ويندو، هن چيو ته ايندڙ 6 مهينن ۾ معيشيت ۾ بهتري اچي ويندي، عدالت جو اڻ ڌريو هجڻ لازمي آهي ،اميد آهي ته ايندڙ وقت ۾ عدالت به اڻ ڌريو  ڪردار ادا ڪندي.

آرمي چيف چيو ته ڊالر جي  اسمگلنگ هر صورت ۾ روڪي ويندي،  ڪرپشن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو،سرحدن تي نگراني سخت ڪئي ويندي، سياست ۾ صفائي ڪئي ويندي، هر سطح تي استحڪام آندو ويندو ۽ معيشت کي مستحڪم ڪيو ويندو.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز سومر 4 سپٽيمبر 2023تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.