ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ مغوين جي آزادي لاءِ ٽئين ڏينهن به هڙتال، تاريخي ڌرڻو

ڪشمور/ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:عرفان علي کوسو/ دليپ ڪيسواڻي) ڪنڌڪوٽ ۾ هندو پنچائت جي سڏ تي ٽئين ڏينهن به شٽربند هڙتال ڪئي وئي، مغوين جي آزادي لاءِ ۽ بدترين بدامني خلاف ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ هندو پئنچائت جي اڳواڻن جي سڏ تي 3 ڏينهن به  شٽربند هڙتال ڪئي وئي.

هڙتال سبب شهر جي گهنٽاگهر چوڪ،ڊي سي روڊ،صرافا بازار، مين بازار سميت ننڊا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته هندو پنچائت جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين گهنٽاگهر چوڪ تي 3 ڏينهن کان علامتي بک هڙتال پڻ جاري رکي وئي.

هزارين ماڻهن طرفان پڻ ڌرڻو جاري رکيو ويو، ضلعي ۾ بدترين بدامني ۽ مغوين جي آزادي عمل ۾ نه اچڻ سبب هندوپئنچائت جي اڳواڻن ڊاڪٽر ميهر چند، مکي سريش، حضور بخش مغل،اڪرم باجڪاڻي،دلمراد ڏاهاڻي، اي ڪي اوڳاهي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پوري ضلعي ۾ 3 ڏينهن کان ڪاروبار بند آهي شهري سراپا احتجاج بڻيل آهن.

3 ڏينهن کان هلندڙ شٽربند هڙتال ضلعي جي پوليس کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي ته جئين هو ننڊ مان سجاڳ ٿي ضلعي ۾ امن و امان بحال ڪرائن.

هنن چيو ته هلندڙ هڙتال ۽ احتجاجن دوران به پوليس ٻوٽو نه ٻاري سگهي اغوا ٿي ويل مغوي آزاد  نه ٿي سگهيا آهن، پوليس ڀاڱي ڀائيوار ٿي مغوين کي اغوا ڪرائڻ بعد مغوين جي وارثن کان ڪروڙين رپيا وصول ڪري  رهي آهي، ضلعي ۾ هي ڪُڌو ڪاروبار بڻيل آهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته نگران حڪومت ڪرپٽ پوليس عملدارن خلاف سخت ڪاروايون ڪري انهن جون نوڪريون چٽ ڪري جئين ٻين لاءِ مثال بڻجي، هڙتال ۽ ڌرڻي بعد وڌيڪ تحريڪ لاءِ لائحه عمل جوڙي پنهنجا مغوي بازياب ڪرائينداسي.

ڪشمور مان رپورٽر موجب ڪشمور ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ٽئين ڏينهن به ڪاروباري مرڪز بند شٽربند ھڙتال سنڌ پنجاب بلوچستان دنگ تي ھندو پنچائت ۽ سياسي سماجي تنظيمن شھرين ٻئين ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو.

گذريل ڏينهن ڌرڻي دوران ايس ايس پي امجد شيخ فون ذريعي ھندو پنچائت اڳواڻن کي ساگر ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير نائچ جي بازيابي جو آسرو ڏنو ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻي ۾ شريڪ شھري انتظار ڪندا رهيا پوليس مغوي بازياب نه ڪرايا، ڊاڪٽر منير نائچ جي بازيابي جا سوشل ميڊيا تي پوليس طرفان بازيابي ۽ ڀنگ ڀري آزاد ٿيڻ جا چئوٻول.

ھندو پنچائت چيو ته مکي جگديش، جئديپ ،ساگر ڪمار ۽ ظھير خالدي سميت سڀني مغوين جي بازيابي کانپوءِ ڌرڻو ختم ٿيندو، ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو جي ڌرڻي ۾ شرڪت درگاهه عاليه ڀرچونڊي شريف جي پير ميان عبدالحسيب افضل عطا ڪلوڙ ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران بدامني اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

اڳواڻن چيو ته ، اغوا تاوان وارو ڪاروبار پوليس ۽ ڪچي ۽ پڪي جي ڏوهارين پاٿاريدارن سندس سھولتڪارن ڪشمور ضلعي واسين کي لڏي وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ڪشمور شڪارپور گھوٽڪي ضلعن ۾ فوجي آپريشن سان ئي بدامني جو خاتمو آندو وڃي.

مغوين جي بازيابي لاءِ جماعت اسلامي ھندو پنچائت ايس ٽي پي قومي عوامي تحريڪ کوسا، چاچڙ، مزاري ،جکراڻي برادرين جي ھزارين ماڻهن شرڪت ڪري ڪشمور پوليس جي ناقص ڪارڪردگي خلاف دانھيو ان موقعي تي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو، اياز لطيف پليجو ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پ پ سرڪار مھانگائي بيروزگاري بک بدحالي کانپوءِ ڌاڙيلن جي پيداوار گروھ به عوام پويان لڳائي ڇڏيو اغوا ڦر ڌاڙا مغوين جي بازيابي لاءِ ڪروڙين رپين جو ڀنگ وارو پڪي ۽ ڪچي جي ڏوهارين ۽ پوليس ۾ ڪارين رڍن پنهنجي سھولتڪارن معرفت شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ فوجي آپريشن ڪري ڪچي ۽ پڪي جي سڀني ڏوهارين کي عبرتناڪ بڻايو وڃي.

ٻئي پاسي گذريل رات ھندو پنچائت جي اڳواڻن مکي نريش ڪمار ۽ سريش ڪمار سان ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ ٻن مغوين ساگر ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير نائچ جي بازيابي جي خاطري ڪرائيندي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو جنهن تي ھندو پنچائت مغوين جي بازيابي لاءِ انتظار ڪندي رهي پر پوليس جو ڪوڙ ظاهر ٿي پيو مغوي نه موٽيا ھندو پنچائت جي اڳواڻن ۽ شھرين ۾ سخت ڪاوڙ جي لھر ڇائنجي وئي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن پوليس کي مڪمل طور جواب ڏيندي سڀني مغوين جي بازيابي تائين احتجاجي ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچيءَ ۾ سخت احتجاج بعد سنڌ جي گهرو وزير ساگر ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير احمد نائچ جي بازيابي جي  دعويٰ ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) ڪراچيءَ ۾ سخت احتجاج بعد سنڌ جي گهرو وزير ساگر ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير احمد نائچ جي بازيابي جي  دعويٰ ڪري ڇڏي، 4 ڪلاڪن جي احتجاج بعد ٽي تلوار وارو جام ٿيل رستو کلي ويو.

گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو ته ساگر ڪمار ۽ منير نائچ بازياب ٿي چڪا آهن، جگديش ڪمار ۽ ٻين کي جلد 12 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرايو ويندو پريا ڪماري جي معلومات ناهي، جنهن جي تفصيل وٺي رهيو آهيان. جن جن مغوين جي آزادي لاءِ پيسا ڀريان آهن انهن جا پيسا رڪور ڪيا ويندا پوليس رينجرز جي نگراني ۾ آپريشن ڪئي ويندي پاڻ نگراني ڪندس، ٻن هفتن اندر ڪاروائي ڪئي ويندي.

اهڙن خيالن جو اظهار برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ شبير بجاراڻي سان گڏجي هندو برادري ۽ سول سوسائٽي جي جاري ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندي ڪيو آهي.

مظاهرين سان نگران گهرو وزير حارث نواز، شبير بجاراڻي ميئر ڪراچي مرتضي وهاب سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون جنهن مظاهرين احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري روڊ کولي ڇڏيو آهي،ان کان اڳ ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙي پريا ڪماري مُکي جگديش، سميت ٻين اغوا ٿي ويل مغوين جي بازيابي لاءِ پاڪستان ينگ هندو فورم منارٽي رائٽس مارچ ۽ عورت آزادي مارچ فورم پاران ڪراچي جي تين تلوار وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جيڪو شام 6 وڳين کان رات 10 هين وڳي تائين جاري رهيو.

احتجاج ڪندڙن پاران ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس خلاف سخت نعريبازي مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج جي اڳواڻي ڊاڪٽر غزالا ، شيما ڪرماڻي، الاهي بخش بڪڪ، جيئپال ڇاٻڙيا انيتا سميت ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.

احتجاجي ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هندو برادري لاءِ سنڌ اندر ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي هر روز ڪنهن نه ڪنهن هندو نوجوان يا انهن جي معصوم ٻارڙن  کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو پيو وڃي.

هنن وڌيڪ چيو ته هن وقت به ڌاڙيلن وٽ پريا ڪماري مُکي جگديش،  جئديپ، ساگر ڪمار، ڊاڪٽر نجيب نائچ، نوتنل عل،سميت ڪيترائي مغوي قيد آهن. مظاهرين چيو ته اتان جي مقامي پوليس ڌاڙيلن جي ساٿاري بڻيل آهي جيڪي هٿ سان ماڻهو اغوا ڪرائي رهي آهي هڪ اغوا جي انڊسٽري بڻائي ڇڏيو آهي، اسان جي  هندو برادري سميت سياسي سماجي ڌرين جو ٽن ڏينهن کان احتجاج جاري آهي پر انتظاميه ۽ حڪومت جي ڪن تي جونءَ نٿي چُري، رياست اندر رياست قائم ڪئي وئي آهي.

هن احتجاج ڌرڻي جي ذريعي وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومت سميت رياستي ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪچي ۾ فوجي آپريشن ڪري سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.