رياست امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي: زين شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي گذريل 15 سالن جي خراب حڪمراني  سبب سنڌ ۾ ڌاڙيلن، قاتلن، وڊيرن ۽ ڪرپٽ آفيسرن جو راڄ قائم ٿي چڪو آهي، حڪومت ۽ سڪيورٽي ادارا سنڌ جي عوام جي صبر جو امتحان وٺي رهيا آهن، ڪشمور ۾ بدامني خلاف ديرا موڙ ڪشمور ۾ شهرين ۽ واپارين پاران لڳايل ڌرڻي جي حمايت ڪندي مطالبو ڪيون ٿا ته مغوي ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ، مُکي جگديش ڪمار ۽ معصوم جئديپ ڪمار ۽ ٻين کي فوري بازياب ڪرايو وڃي.

ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاھ چيو ته ڪشمور ۾ ڌرڻي ۾ شريڪ پنهنجا آئيني ۽ قانوني حق گهري رهيا آهن، ڌاڙيلن کي تحفظ ڏيڻ بدران قانوني رستو اختيار ڪيو وڃي، رياست امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته سنڌ جي پرامن علائقن جو امن ڪنهن به صورت ۾ خراب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، سنڌ ۾ ھڪ سازش تحت حالات خراب ڪرڻ جي سازشون ڪيون پيون وڃن جنهن سبب عوام عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويو آهي، هڪ طرف مهانگائي ٻئي طرف هٿرادو بدامني سنڌ واسين کي منجهائي ڇڏيو آهي، اڄ ڌرتي ڌڻي پنهنجو ڪاروبار بند ڪري پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ ڌرڻا هڻڻ تي مجبور بڻيل آهن، ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.