مورو(ويب ڊيسڪ) مورو ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي سربراهه ۽ چيئرمين جيئي سنڌ محاذ رياض علي چانڊيو جي قيادَت ۾ 17 سيپٽمبر تي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي طرفان سکر ۾ اعلانيل احتجاجي ريلي جي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ مورو باءِ پاس کان مورو شاهي بازار چوڪ تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وَئي.
ان موقعي تي شاهي بازار چوڪ تي ريلي جي اختتام تي شهرين ۽ قومي ڪارڪُنن سان چيئرمين جيئي سنڌ محاذ رياض علي چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي، پي.ٽي.آءِ کانپوءِ هن نگران سرڪار کي سنڌ لُٽڻ جو هٿرادو موقعو ڏنو ويو آهي.اسان هيءَ جاڳرتا ريلي مورو باءِ پاس کان ڪڍي آهي ته سنڌ مان هيءَ بُک، لُٽمار، سنڌ مان هي ڌاڙيل گردي، سنڌ جي وسيلن ۽ دولت جي لُٽمارَ ۽ سنڌي ماڻهونءَ کي هٿرادو بک ۾ مبتلا ڪرڻ جي خلاف هيءَ عوامي رابطا مهم جي ريلي ڪڍي وئي آهي.
هن چيو ته اڄ اسان هتي مورو ۾ موجود آهيون 15 سالن کان پيپلز پارٽي هتي سرڪاري ڌاڙيل پيدا ڪيا آهن هڪڙا ڌاڙيل وزير هئا جن ڊاڪٽَر منير نائچ ۽ مکي ۽ مُکيءَ جي پُٽن کان وَٺي معصوم پريا ڪُماري ۽ سنڌ جي معصوم نياڻي فاطمه قاتل اسد شاهه هٿان قتل ٿي آهي. اڄ ڪشمور ۾ به مظاهرو آهي ۽ سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي. پ پ جيڪو 15 سالن تائين ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو هئو اهو اڃا تائين قائم آهي.
سندس چوڻ هو ته هتي جيڪو ڦُرلٽ جو راڄ آهي، جيڪو قبضاگيري جو راڄ آهي اسان پڇون ٿا ته اهو لاهور ۾ ڇو ناهن؟ فيصل آباد ۾ ڌاڙيل ڇو ناهن؟ پاڪ پتن ۾ ڌاڙيل ڇو ناهن؟ راول پنڊي ۾ ڌاڙيل ڇو ناهن؟ پر گهوٽڪي، ڪَشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيل ڇو آهن؟ سکر ۽ جيڪب آباد ۾ ڌاڙيل ڇو آهن؟ هي ڌاڙيل راڄ سرڪار پيدا ڪيو آهي.هڪڙا ڌاڙيل جيڪي معصوم ٻار اغوا ٿا ڪَن ٻيا ڌاڙيل پيپلا آهن جن جي ڪَري اَٽو 160 رپَيا ۽ کنڊ 200 رپيَن تائين پهتي آهي.
هُن وڌيڪ چيو ته وقت اچي ويو آهي ته سنڌ کي بُک ڏيندَڙ هنن پاڪستان جي حڪمرانن مان جان ڇَڏائجي. ان موقعي تي سيد نواز شاهه ڀاڏائي، مصطفيٰ عمراڻي، ابرار مورائي، عرفان ڏاهري، وقار ڪلهوڙو، دانش ميمڻ، نعمان لنڊ ريليءَ ۾ موجود هُئا.