حيدرآباد (ويب ڊيسڪ ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي اعلان ڪيو آهي ته جگديش ڪمار، ڊاڪٽر منير احمد نائچ، ساگر ڪمار، معصوم پريا ڪماري، جئديپ ڪمار سميت سمورا مغوي کي 48 ڪلاڪن اندر بازياب نہ ٿيا تہ قومي عوامي تحريڪ سڄي سنڌ ۾ مظاھرا ڪيا ويندا ڪشمور ڌرڻي ۾ شامل ٿيندڙن سڀني دوستن ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ساٿين کي جس هجي، قومي عوامي تحريڪ سمجهي ٿي ته ڪافي دير ٿي وئي آهي، سجاڳ ٿيڻ ۾ پر اهو شاندار ڪم آهي ته ماڻهن ۾ جذبو پيدا ٿيو آهي.
اياز لطيف پليجي چيو ته ڪشمور ڌرڻي ۾ شامل ٿيندڙن سڀني ڀائرن، ڀينرن، دوستن ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ساٿين کي جس هجي، قومي عوامي تحريڪ سمجهي ٿي ته ڪافي دير ٿي وئي آهي سجاڳ ٿيڻ ۾ پر اهو شاندار ڪم آهي ته ماڻهن ۾ جذبو پيدا ٿيو آهي، ڪشمور ڌرڻي ۾ هزارين ماڻهن جي موجودگي مغوين جي آزادي لاءِ اتساهه، دليري ۽ سڄي سنڌ لاء نئين جذبي جو اظهار آهي، قومي عوامي تحريڪ سمورن ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن سان گڏ آهي اسان جو مرڪزي وفد فدا محمداڻي، سجاد بروهي ۽ ٻين جي قيادت ۾ گذريل رات کان ڌرڻي ۾ موجود آهي.
قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري سيشن جج ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ کان، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان ته مغوين جي آزادي لاءِ لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي وڃي، ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ سمورن مغوين کي آزاد ڪري وارثن تائين نه پهچايو ويو ته 48 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙ ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ڌرڻا هڻي ريليون ڪڍيون وينديون.