خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن جا نوان داستان،ڪڻڪ جون 2 لک 66 هزار 453 ٻوريون غائب

ڪراچي(مانيٽرينگ ڊيسڪ) خوراڪ کاتي سنڌ جي 12 ضلعن جي گودامن مان 2 لک 66 هزار 453 ڪڻڪ جون ٻوريون غائب ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، گذريل سال به صوبي ۾ 2 ارب 80 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ چوري  ٿي هئي.

خوراڪ کاتي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيڻ باوجود کاتو خريداري جو هدف پورو نه ڪري سگهيو ۽ 1.4 ملين ميٽرڪ ٽن مان رڳو 7 لک 77 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ بئنڪن کان قرض وٺي خريد ڪيل 2 ارب 67 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ گودامن مان غائب ٿي وئي آهي. جنهن تي صوبائي حڪومت ڪڻڪ چوري جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

ياد رهي ته سنڌ جي سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ جي چوري معمول بڻجي وئي آهي، گذريل سال به 2 ارب 80 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ چوري ٿي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.