پ پ جي اڳوڻن وزيرن خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي: ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھھ چيو آھي تھ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻن  صوبائي ۽ وفاقي وزيرن خلاف ھڪ سازش تحت ناڪاري پروپيگنڊا مھم ھلائي پئي وڃي.

ھن چيو تھ جڏھن بھ چونڊون اينديون آھن تھ پيپلز پارٽي جا مخالف اھڙي قسم جي حڪمت عملي جوڙيندا آھن. اھا ڳالهه ھن ھڪ پريس رليز ۾ ڪئي.

سيد ناصر حسين شاھھ چيو تھ مخالف سمجھن ٿا تھ اھي جيترو بھ زور لڳائيندا چونڊن ۾ سوڀ پيپلز پارٽي جي ٿيندي.

ھن چيو تھ اليشن ڪميشن پيپلز پارٽي جي موقف کي سمجھندي تڪ بندين واري عمل کي ھڪ مھينو اڳ مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

سيد ناصر حسين شاھه اليڪشن ڪميشن کان گھر ڪندي چيو تھ عام چونڊن جي شيڊول کي فوري طور تي جاري ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.