يورپي ۽ ٻيا ملڪ پي ٽي آءِ چيئرمين جي آزادي لاءِ سرگرم

ڪراچي (مانيٽرينگ ڊيسڪ ) پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ نجم سيٺي جي گهرواري جگنو محسن دعويٰ ڪئي آهي ته يورپي ۽ ٻيا ملڪ عمران  خان جي آزادي جي لاءِ سرگرم آهن.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي جگنو محسن چيو ته انهن ملڪن جو نالو پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ان جي ڀيڻ نالو نه وٺندي، ان حوالي سان معلومات گڏ ڪري رهي آهيان، جلد ئي بريڪنگ نيوز شيئر ڪنديس.

هن جو چوڻ آهي ته قانون هر هڪ لاءِ هڪ هجڻ گهرجي، هن چيو ته اهو به مون کي معلوم آهي ته هتي يورپ ۾ ۽ يو ايس آمريڪا ۾ ڪهڙيون طاقتون آهن ، ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي ان مهم ۾ پيش پيش آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.