افغانستان پنهنجي شهرين کي پاڪستان وڃڻ کان روڪي ڇڏيو؟

ڪابل (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ جاري بجلي بلن جي خلاف مظاهرن وچ ۾ افغان حڪومت جو هڪ مبينا بيان سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيو آهي جنهن ۾ افغان شهرين کي پاڪستان نه وڃڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.
هڪ نيوز ايجنسي ان حوالي سان خبر به شايع ڪئي جنهن کي ملڪ جي ٻين اردو ۽ انگريز اخبارن کنيو.
ڪيترن ئي صحافين طالبان حڪومت سان منسوب ان بيان تي تبصرو به ڪيو.
پر هڪ خابرو اداري پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته اهو بيان مئي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جي خلاف 9 مئي تي ٿيل پرتشدد مظاهرن کان پوءِ جاري ڪيو ويو هو.
اهو مبينا طور تي ڪجهه اولهه ملڪن طرفان پاڪستان جو سفر ڪرڻ جي خواهشمندن لاءِ هڪ ايڊوائزري جاري ڪرڻ جي هڪ ڏينهن بعد شيئر ڪيو ويو.
وڌيڪ اهو ته، ڪجهه صحافين ۽ خبرو ادارن به ان اپ ڊيٽ کي شايع ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.