ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس کي آپريشن دوران وڏي ڪاميابي حاصل ٿي وئي، سي آءِ اي ڪارروائي ۾ ٻه مغوي آزاد ڪرائي ورتا.
ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جي علائقي ۾ ايس ايس پي امجد احمد شيخ جي هدايتن تي سي آءِ اي انچارج اياز کيڙو ۽ ايس ايڇ او قادر بخش بنگوار جي ٽيمن ڪارروائيون ڪيون.
ڪچي جي علائقي ۾ پوليس جي فائرنگ سان ڌاڙيل فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن تان ٻن مغوين کي آزاد ڪرايو ويو.
پوليس موجب 11 ڏينهن اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حدن مان الله رکيي قمبراڻي ۽ فاروق قمبراڻي کي اغوا ڪيو ويو هو.
ايس ايس پي امجد احمد شيخ چيو ته پوليس مغوين جي آزادي لاءِ آپريشن جاري رکندي، جلد ٻيا مغوي به آزاد ڪرايا ويندا.
You might also like