خيرپور (ويب ڊيسڪ) راڻي پور جي حويلي ۾ مارجي ويل فاطمه ڦرڙو ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه پوليس کي غلط پاس ورڊ ٻڌايو، جنهن سبب ان جو موبائل مڪمل طور لاڪ ٿي ويو.
پوليس مک جوابدار اسد شاهه کي ڪراچي کان خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو، جوابدار کي ٻيهر ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ڪراچي نيو ويو هو.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار جي فون جو پن ڪوڊ به پوليس حاصل ناهي ڪري سگهي، پوليس کي جوابدار هر ڀيري غلط ڪوڊ ٻڌايو، هر هر غلط پن ڪوڊ لڳائڻ سان موبائل فون مڪمل طور لاڪ ٿي چڪي آهي.
ڪيس ۾ نامزد حنا شاهه ۽ سندس پيءُ اڃا تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا، جڏهن ته گرفتار اسد شاهه ۽ امتياز جسماني رمانڊ تي پوليس جي حراست ۾ آهن.
Prev Post
You might also like