بجلي بل نه ڀريندڙن جا ڪنيڪشن ڪاٽڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ليسڪو) ٻن مهينن کان بل نه ڀريندڙن جا ڪنيڪشن ڪاٽڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
جن واهپيدارن جون ٻن مهينن جون رهتون آهن، انهن کي فوري طور بل ڀرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، بل نه ڀرڻ جي صورت ۾ سندن ڪنيڪشن ڪاٽيا ويندا.
ليسڪو بجلي بلن تي ڏنل رليف ختم ڪندي ٻن مهينن جي رهتن وارن واهپيدارن جا ڪنيڪشن ڪاٽڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ذريعن موجب ٽيمن ان حوالي سان فهرستون تيار ڪري ورتيون آهن ۽ جلد ڪارروائي ٿيندي، رڳو هلندڙ مهيني جي بل وارو بچي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.