چور جو منهن ڪارو ڪري گڏهه تي گھمائڻ تي ايس ايڇ او معطل

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ سِرون چورائيندڙ شخص منهن ڪارو ڪري سزا ڏيڻ جي معاملي تي انقلاب ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو.
پوليس موجب ايس ايڇ او کي جوابدارن جي سهولتڪاري جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ شخص جو منهن ڪارو ڪري کيس گڏهه تي ويهاريو ويو آهي.
وائرل ٿيل وڊيو ۾ پوليس اهلڪار به ان شخص جي وڊيو ۽ تصوير ڪڍي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.