شاهين آفريدي، اي بي ڊويليئرز کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو

پاليڪيلي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي ڏکڻ آفريقي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اي بي ڊويليئرز کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو.
ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي اهم ميچ کان اڳ نيپال خلاف ميچ ۾ اي بي ڊويليئرز چيو هو ته شاهين آفريدي مون کي رڌم ۾ نظر نه پيو اچي، لڳي ٿو ته کيس ڪا معمولي انجري آهي.
پر شاهين آفريدي ڀارت خلاف ميچ ۾ 10 اوورن ۾ 35 رنسون ڏئي 4 شڪار ڪيا، هن روهت شرما، ويرات ڪوهلي، هارديڪ پانڊيا ۽ رويندرا جديجا جون وڪيٽون حاصل ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.