گرل فرينڊ لاءِ مفت ٽڪيٽ گھرندڙ مداح کي شاهه رخ خان جو دلچسپ جواب

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ گرل فرينڊ لاءِ فري ٽڪيٽ جو مطالبو ڪندڙ مداح کي دلچسپ جواب ڏئي ڇڏيو.
شاهه رخ خان جي فلم ”جوان“ 7 سيپٽمبر تي سينيما گھرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي جنهن کي ڏسڻ لاءِ سندس مداح پرجوش آهن.
سپر اسٽار گھڻو ڪري مداحن سان رابطي ۾ رهڻ لاءِ سوشل ميڊيا جي ذريعي انهن جي سوالن جا جواب ڏيندو آهي. اڄ هڪ مداح کيس مخاطب ڪندي لکيو ته ڇا اوهان مون کي منهنجي گرل فرينڊ لاءِ ”جوان“ فلم جي ٽڪيٽ ڏئي سگھو ٿا؟ ڇو آئون هڪ نڪمو عاشق آهيان.
جواب ۾ شاهه رخ خان لکيو ته فري ۾ رڳو پيار ڏيندو آهيان، ٽڪيٽ جا ته پيسا لڳندا. پيار ۾ ايترو نڪمو نه بڻج. وڃ ٽڪيٽ خريد ڪر ۽ گرل فرينڊ کي به ساڻ وٺي وڃ.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي هڪ مداح اداڪار کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان فلم جي حوالي سان گھٻرايل آهيو؟
اداڪار ان جو جواب ڏنو ته هن وقت آئون رڳو پرجوش آهيان ڇو جو فلم مان گھڻا ماڻهو مزو وٺندا، آئون ان لاءِ گذريل 3 سالن کان ڏکيو سفر طئي ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.