بجلي بلن ۾ رليف، نگران حڪومت وڏو منصوبو جوڙي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائي ۽ واڌو بلن کان تنگ عوام کي نگران حڪومت رليف ڏيڻ جو منصوبو جوڙي ورتو.
حڪومتي ذريعن موجب آڪٽوبر ۾ 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي بلن ۾ 3 هزار رپين تائين گهٽتائي هوندي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته 60 هزار کان 70 هزار رپين تائين بجلي بلن وارن واهپيدارن جي بلن ۾ 13 هزار رپين تائين گهٽتائي ٿيندي.
حڪومتي ذريعن موجب نگران حڪومت طرفان عوامي رليف لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ رليف جي حوالي سان آءِ ايم ايف گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته ملڪ ۾ بجلي جي ڳرن خلاف احتجاج تي نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ چيو هو ته اهو ڪو وڏو مسئلو ناهي، عوام کي جلد رليف ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.