سينيئر شاگرد جي اسڪول بس ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي سان جنسي زيادتي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو واقعو پيش آيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب دهلي جي بيگم پور علائقي ۾ اسڪول بس جي اندر هڪ 6 ورهين جي ٻارڙي کي سينيئر شاگرد جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو.

متاثر ٻارڙي جي ماءُ کي ان واقعي بابت 23 آگسٽ تي خبر پئي، جڏهن هن ڏٺو ته ڇوڪري جي بيگ پيشاب سان ڀڳل آهي.

جڏهن پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته ٻارڙي پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو ته اسڪول بس ۾ هڪ سينيئر شاگرد هن سان بدتميزي ڪئي هئي.

والدين الزام لڳايو ته ٻئي ڏينهن اسڪول اختيارين کي واقعي جو اطلاع ڏيڻ بعد اسڪول جي چيئرمين کيس شڪايت واپس وٺڻ جو چيو.

والدين دعويٰ ڪئي ته اسڪول انتظاميا متاثر ٻارڙي جي سڃاڻپ به ظاهري ڪري ڇڏي.

هڪ سينيئر هندستاني پوليس آفيسر ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.