ڪجهه ڪرڻو پوندو

تحرير: مجيد ڪيريو

انسان جڏهن پنهنجي انسانيت کي سمجهندو آهي. ٻين جي رهڻين ڪهڻين کي سمجهندو آهي. ٻئي جو درد محسوس ڪندو آهي ۽ انهي کي دل وجان روحانيت سان دلي طور وچن ڪندو آهي ته هي  نيڪ ڪم ڪرڻو آهي. بس ڪرڻو آهي. ڪجهه به ڪري ته رب العالمين انهي جا پختا ارادا ڏسي پنهنجي ڪرم نوازي  جا کوڙ سارا دروازا پنهنجي بندي لاءِ کولي ڇڏيندو آهي. راڄ ڌڻي جڏهن بنا فرق. بغير لالچ جي گهر سڌارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن سچ پڇو اهو گهر جنت وانگر محسوس ٿيندو آهي.

ائين اگر ڪنهن شهر کي پنهنجي شهر جا راڄ ڌڻي سوارڻ جي ڪوشش ڪن ته  خوبصورت دل فريب وڏا وڏا  ماڳ ٺهي سگهن ٿا. پر شرط اهيو آهي ته مڙي مٺ ٿيڻو پوندو. ڀرياروڊ جي ڪجهه دوستن ملڪ وسيم اعواڻ ، عبدالمنان آرائين ۽ ملڪ عباس  اهيو وچن ڪيو ته ڀرياروڊ ريلوي جي ايراضي تي پبلڪ پارڪ اپرول ڪرائجي انهن ڪوشش ڪئي اهو ڪري ڏيکاريو ستر هزار فٽ گرين بيلٽ پبلڪ پارڪ منظور ڪرايو. ان کان بعد 40 هزار آبادي واري شهر جو سالن کان رهيل خواب ته پورو ٿيو .

پر انهي پبلڪ پارڪ کي ڪيئن ممڪن بڻائجي. ڪٿان ڪروڙين روپيا اچن. پر انهن دوستن همٿ نه هاري شهر جي ڀلائي لاءِ ڪجهه ڪرڻو هيو ته بس ڪرڻو هيو ڇو ڪنهن جي آسري لڳجي گهرکي سوارڻوآهي هڪ زبردست عاليشان خوبصورت ماڳ تيار ڪرڻو آهي. هاڻ سوال ٿو اهيو پيدا ٿئي ته انهي سموري ڪم کي ڪيئن منطقي انجام تي پهچايون جڏهن پبلڪ پارڪ کي پنهنجو گهر جو فرد شهر جو راڄ ڌڻي هجڻ جي دعويٰ ڪنداسين ته پوءِ بناسياست جي. بنا فرق جي. بنا رنگ نسل جي  هڪ ٻئي جا بازو ٿي اڳتي وڌڻو  پوندو. بس ائين قافلو جڙندو ويو. ڪانوا ٺهندو ويو. سياسي سماجي سوشل ورڪر بنافرق جي سياست کي هڪ پاسي تي رکي  چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڀرياروڊ امتياز آرائين، نديم اخترآرائين ، گلاب ڪيريو، امان الله چوهاڻ، زيد ڪيريو، حاجي ذوالفقار ٽواڻو، تنوير اعواڻ، ڪلاٿ مارڪيٽ، ڪريانا مارڪيٽ،گاڏي کاتي، غلا منڊي ، ميڊيڪل اسٽور يونين اڳواڻ ۽ ٻيا سوين مرد مجاهد نعرا هڻي نڪري پيا وچن ڪيو ويو.

ڇوڪٿي رڪجون رفيقو ارتقا رڪجي نٿي.

زندگي جي آرزو ۾,جستجو ٿڪجي نه ٿي.

ساٿيو سنڌرا ٻڌو. هلندا هلو. وڌندا هلو.

پاڻ ڇوبيهي رهون جڏهن دنيا بيهي نٿي

بس اسان کي اهيو ڪم پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪرڻو آهي. پنهنجن کان مدد وٺنداسين انهن اڳيان جهولي جهلينداسين. ڪنهن ٽينڊر جي آسري ناهي ويهڻو. ڪنهن جو انتظار ناهي ڪرڻو بس هن قافلي جا در بنا سياسي رنگ نسل جي کليل آهن.

اڄ اهو قافلو وڌي وڻ ٿي ويو. 70 هزار فٽ ايراضي تي مشتمل پارڪ جو ڪم تيزي سان جاري آهي. مٽي ڀراءِ شروع ٿي وئي. وڏي جوش جذبي سان هر فرد پنهنجو حصو شامل ڪرڻ لاءِ اڳيان اڳيان آهي.

ڀرياروڊ جي سمورن سرڪاري توڙي غيرسرڪاري اسڪولن جي شاگردن وچن ڪيو اعلان ڪيو ته اسان کي پارڪ پنهنجي والدين پنهنجي پيارن جي نالي سان هڪ هڪ ٻوٽو ضرور هڻنداسين ۽ هي ڪروڙين روپيا پنهنجي مدد پاڻ تحت خرچ ڪري اعليٰ مثال قائم ڪنداسين.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.