نوبل انعام جي تقريب ۾ ايران کي نه گھرائڻ جو فيصلو

نوبل فائونڊيشن نوبل ايوارڊز جي تقريب ۾ روس، ايران ۽ بيلاروس کي دعوت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
نوبل فائونڊيشن جو چوڻ آهي ته ايوارڊز تقريب ۾ روس، بيلاروس ۽ ايران جي سفيرن کي دعوت نه ڏني ويندي.
ٽنهي ملڪن کي دعوت نه ڏيڻ جو فيصلو سوئيڊن جي احتجاج تي تبديل ڪيو ويو، نوبل فائونڊيشن گذريل ڏينهن تن ملڪن کي دعوت ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب نوبل فائونڊيسن جي فيصلي تي سوئيڊش سياسي جماعتن تقريب جي بائيڪاٽ جو چيو هو.
گذريل سال به تقريب ۾ روس ۽بيلاروس کي يوڪرين تي حملي سبب دعوت نه ڏني وئي هئي.
نوبل ايوارڊز 2023ع جي تقريب 10 ڊسمبر تي ٿيندي، مختلف شعبن ۾ نوبل انعام ماڻيندڙن جي نالن جو اعلان آڪٽوبر ۾ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.