اپوزيشن پارٽين جي مخالفت جي باوجود ڊينمارڪ جي حڪومت قرآن پاڪ جي بي حرمتي کي روڪڻ لاءِ بل تيار ڪري ورتو.
قرآن پاڪ جي نسخن جي بي حرمتي ڪرڻ تي ڊينمارڪ ۽ سويڊن ۾ گذريل هفتن دوران عوامي سطح تي احتجاجي مظاهرا ڏسڻ ۾ آيا.
بي حرمتي جي واقعن سبب مسلم ملڪن ۾ سخت ڪاوڙ ۽ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. پاڪستان سوڌو ٻين ملسمان ملڪن نورڊڪ حڪومت کان مطالبو ڪيو هو ته هو قرآن پاڪ جي بي حرمتي کي روڪڻ لاءِ قانونسازي ڪن جنهن کان پوءِ هاڻ ڊينمارڪ حڪومت قرآن پاڪ جي بي حرمتي کي روڪڻ لاءِ بل تيار ڪيو آهي.